خان خانان بيرام خان

خان خانان‘ بيرام خان: بيرام خانخان خانان‘، علي شڪر بيگ بهارلو جي چوٿينءَ پيڙهيءَ مان هو، جنهن جو تعلق ترڪن جي قبيلي قراقوملو سان هو. علي شڪر بيگ همدان، دينو ۽ ترڪستان جو سردار هو. وقت جي تبديليءَ ۽ زوال سبب بيرام خان جو پيءُ بابر مرزا بادشاهه وٽ ملازم اچي ٿيو. خان خانان بيرام خان، بدخشان ۾ ڄائو ۽ پيءُ جي موت کان پوءِ بلخ ۾ وڃي علم حاصل ڪيائين. سورهن سالن جي عمر ۾ همايون بادشاهه جي خدمت ۾ پهچي تربيت ورتائين ۽ خداداد قابليت سبب همايون بادشاهه جو مقرب ٿيو ۽ امارت جي درجي تي فائز ٿيو. قنوج جي فتح دوران وڏي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. 7 محرم الحرام 950هه/ 13 اپريل 1543ع تي همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ جَوڻ ۾ پهتو، جيڪو درياهي ڪناري تي واقع شهر هو. بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان اڳ کيس ارغونن جي فوج سان وڙهڻو پيو. بيرام خان جيئن ئي جنگ ۾ شامل ٿيو، تيئن ارغون فوج کي شڪست آئي. ان وقت جي ايران جو بادشاهه به بيرام خان کان گهڻو متاثر هو، جنهن بيرام خان کي ’خان‘ جي لقب سان نوازيو. همايون ايران جي بادشاهه سان واعدو ڪيو ته قنڌار جو علائقو قزلباشن (مغلن) کي ڏنو ويندو ۽ هن ايئن ئي ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪابل جي فتح لاءِ روانو ٿيو، ان کان پهرين قنڌار جو قلعو بيرام خان جي حوالي ڪري پنهنجا ٻار ٻچا اتي ڇڏيائين.
963 هه/ 1556ع ۾ بـيـرم خـان اڪبر بادشاهه جو اتاليق مقرر ٿيو. 2 ربيع الثاني 963هه/ 14 فيبروي 1556ع ۾ اڪبر بادشاهه پنجاب ۾ ڪلانور جي تخت تي ويٺو ته بيرام خان کي ’سلطنت جو وڪيل‘ (وڪيل السلطنت) مقرر ڪيائين. مغل سلطنت طرفان اُن سال کيس ’خان خانان‘ جو خطاب ڏنو ويو. اڪبر بادشاهه کيس ’خان بابا‘ جي نالي سان به سڏيندو هو. 965هه/1557ع ۾ بيرام خان جي شادي همايون جي ڀاڻيجيءَ ۽ مرزا نور الدين محمد جي ڌيءَ سليم سلطان بيگم سان ٿي. روايت آهي ته اڪبر بادشاهه ۽ خان خانان بيرام خان جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا، ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ اڪبر بادشاهه بيرام خان کي سندس عهدا واپس ڪيا، جنهن کانپوءِ بيرام خان گجرات جي شهر پٽن ۾ آرام ڪرڻ لاءِ پهتو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جمادي الاول 968هه /31 جنوري 1561ع ۾ بيرام خان هڪ تلاءَ جي سير لاءِ نڪتو، جيڪو سس لنگ جي ڪري مشهور هو. انهيءَ تلاءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هزار هزار بت خانا هئا. بيرام خان تلاءَ جو سير ڪندو، جڏهن ڪناري تي اچي پهتو ته مبارڪ خان لوهاڻو بيرام جي استقبال جي بهاني سان اڳيان وڌيو ۽ ڀاڪر پائي بـيـرام خـان جـي پـيـٽ ۾ خـنـجـر وهـائي ڪـڍيـائـيـن، بـيـرام خان ٿڏي تي شـهـيـد ٿـي ويـو. سـنـدس لاش ڪـجهه عـرصـي لاءِ امـانت طور شيخ حسام جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، پر جلد حسين قلي خان جي ڪوششن سان بيرام خان جي لاش کي ايران کڻائي وڃي مشهد مقدس ۾ دفن ڪيو ويو. قاسم ارسلان مشهدي سندس قطعه تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:
در واقعه هاتفي پي تاريخش
گفت که ’شهيد شد محمد بيرام‘
968 هه
بيرام خان جي مرڻ کان پوءِ اڪبر بادشاهه سليمه سلطان بيگم سان نڪاح ڪيو. (حوالو: تذڪره ’ماثرالامراءِ‘، صمصام الدوله شاهنواز خان.)


لفظ خان خانان بيرام خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1543.04.13  عيسوي

7 محرم الحرام 950هه/ 13 اپريل 1543ع تي همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ جَوڻ ۾ پهتو، جيڪو درياهي ڪناري تي واقع شهر هو. بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان اڳ کيس ارغونن جي فوج سان وڙهڻو پيو. بيرام خان جيئن ئي جنگ ۾ شامل ٿيو، تيئن ارغون فوج کي شڪست آئي. ان وقت جي ايران جو بادشاهه به بيرام خان کان گهڻو متاثر هو، جنهن بيرام خان کي ’خان‘ جي لقب سان نوازيو.


1556.02.14  عيسوي

2 ربيع الثاني 963هه/ 14 فيبروي 1556ع ۾ اڪبر بادشاهه پنجاب ۾ ڪلانور جي تخت تي ويٺو ته بيرام خان کي ’سلطنت جو وڪيل‘ (وڪيل السلطنت) مقرر ڪيائين. مغل سلطنت طرفان اُن سال کيس ’خان خانان‘ جو خطاب ڏنو ويو.


1561.01.31  عيسوي

جمادي الاول 968هه /31 جنوري 1561ع ۾ بيرام خان هڪ تلاءَ جي سير لاءِ نڪتو، جيڪو سس لنگ جي ڪري مشهور هو. انهيءَ تلاءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هزار هزار بت خانا هئا. بيرام خان تلاءَ جو سير ڪندو، جڏهن ڪناري تي اچي پهتو ته مبارڪ خان لوهاڻو بيرام جي استقبال جي بهاني سان اڳيان وڌيو ۽ ڀاڪر پائي بـيـرام خـان جـي پـيـٽ ۾ خـنـجـر وهـائي ڪـڍيـائـيـن، بـيـرام خان ٿڏي تي شـهـيـد ٿـي ويـو. سـنـدس لاش ڪـجهه عـرصـي لاءِ امـانت طور شيخ حسام جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، پر جلد حسين قلي خان جي ڪوششن سان بيرام خان جي لاش کي ايرا



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائي
محمد يوسف سرهيو
الهبچايو لاسي
حافظ ابراهيم
پير جهنڊو
شمني
پلي، محمد عثمان
آنند
عبدالرزاق چانڊيو
حڪيم حبيب الله بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون